اخلاق محسني

اخلاق محسني (ڀاڱو پهريون) (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب سيرت النبيءَ تي محمد صديق مسافر جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ صفحا 197 آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو لکيل آهي. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد طرفان هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان 1943ع ۾ ڇپيو. ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو پڻ محمد صديق مسافر جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو پڪو جلد آهي، جنهن ۾ 214 صفحا آهن ۽ قيمت 2 رپيا ڄاڻايل آهي. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ، حيدرآباد طرفان سال 1947ع ۾ شايع ٿيو. ساڳئي نالي سان هڪ ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 141 صفحا آهن. ڇاپو پهريون، آزاد بوڪ ڊيپو، حيدرآباد سال 1957ع ۾ ڇپايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو